Mark 10:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيسيٰ هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر. تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“