Mark 10:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يسوع انهن ڏي نهاري چيو، تہ ماڻهن لاءِ اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا لاءِ نہ، ڇالاءِ جو خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا ڪري سگھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا ھر شيءِ تي قادر آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور هر شيءِ تي شڪتيوان آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.“