Mark 10:32 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ هو يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا، ۽ يسوع سندن اڳيان پئي ويو: ۽ اُهي عجب ۾ هئا؛ ۽ جيڪي سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنا پئي، ۽ هو وري بہ انهن ٻارهن کي وٺي جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون، سي ٻڌائڻ لڳو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع ۽ سندس چيلا يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو چيلن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس چيلا ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري يسوع پنهنجي ٻارهن ئي سنتن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو شاگردن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس شاگرد ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارهن ئي شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.