Mark 10:42 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر يسوع انهن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي غير قومن جا سردار ليکجن ٿا، سي انهن تي حڪم ٿا هلائين، ۽ سندن اميرن کي مٿن اختياري آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ جيڪي قومن جا سردار ٿا سڏائين ۽ ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين، تن مٿان وري سندن اميرن کي اختيار حاصل آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع انهن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”اوهان کي سڌ آهي تہ قومن جا سردار ۽ امير جيڪي ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين سي مٿن پورو اختيار رکن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ انهن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”اوهان کي خبر آهي تہ قومن جا سردار ۽ امير جيڪي ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين سي مٿن پورو اختيار رکن ٿا.