Mark 10:46 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُهي يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو مان هو پنهنجن شاگردن ۽ ماڻهن جي گوڙ سميت نڪتو ٿي، تہ تمائي جو پٽ، بارتمئي، جو هڪڙو انڌو فقير هو، سو رستي جي ڀرسان ويٺو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ اھي يريحو شھر ۾ آيا. عيسيٰ جڏھن يريحو شھر مان پنھنجي شاگردن ۽ ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙ سان لنگھي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪ انڌو فقير پني رھيو ھو، جنھن جو نالو بارتمئي ھو، جيڪو تمائيءَ جو پٽ ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. يسوع جڏهن پنهنجي چيلن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ.