Mark 11:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ چيائين، تہ رستو وٺي انهي ڳوٺ ڏانهن وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي: ۽ انهي ۾ گهڙڻ شرط، اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪوبہ ماڻهو نہ چڙهيو آهي، انهي کي ڇوڙي وٺي اچو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ چيائين تہ ”سامھون واري ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن ان ڳوٺ ۾ ويندءُ تہ اُتي ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندءُ، جنھن تي اڃا ڪنھن بہ سواري نہ ڪئي ھوندي. انھيءَ کي ڇوڙي ھيڏانھن ڪاھي اچو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ڳوٺ ۾ پهچندا تہ اُتي هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪنهن بہ سواري نہ ڪئي آهي. اوهين انهيءَ کي ڇوڙي هيڏانهن ڪاهي اچو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ڳوٺ ۾ پهچندا تہ اُتي هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪنهن بہ سواري نہ ڪئي آهي. اوهين انهيءَ کي ڇوڙي هيڏانهن ڪاهي اچو.