Mark 11:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن بہ دعا گهُرو، تڏهن جي اوهان جو ڪنهن تي رنج هجي تہ انهي کي معافي ڏيو، انهي لاءِ تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اوهان جا ڏوهہ بہ اوهان کي معاف ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن بہ اوھين دعا گھرڻ لاءِ بيھو، تڏھن جيڪڏھن اوھان جو ڪنھن تي رنج آھي تہ اُن کي معاف ڪري ڇڏيو تہ اوھان جو پيءُ جيڪو آسمان ۾ آھي سو بہ اوھان جا ڏوھہ اوھان کي بخشي ڇڏي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن بہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پتا جيڪو آڪاش تي آهي سو بہ اوهان جا پاپ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“