Mark 11:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ گهڻن پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري ٻنين مان ٽاريون وڍي اُهي کڻي پکيڙيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجا پھراڻ رستي تي وڇائي ڇڏيا ۽ ڪن وري ٻنين مان وڻن جون ٽاريون پٽي آڻي پکيڙي ڇڏيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون يسوع جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون عيسيٰ جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون.