Mark 11:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪي اڳيان پئي هليا، ۽ جيڪي پٺيان پئي آيا، تن وڏي آواز سان پئي چيو، تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي ماڻھو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي ھليا تن وڏي واڪي پئي چيو تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي، سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي ماڻهو يسوع جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ” ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي!
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي ماڻهو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ” خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي!