Mark 12:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اُهي آيا، تڏهن هن کي چوڻ لڳا، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿو سيکارين: قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اُھي ھن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اسان کي ٻڌايو تہ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟ اسين اُن کي محصول ڏيون يا نہ؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“