Mark 12:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي يسوع چين، تہ جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو. ۽ هنن کي مٿس ڏاڍو عجب لڳو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ اھو ٻڌي انھن کي عيسيٰ تي ڏاڍو عجب لڳو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ يسوع جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“ عيسيٰ جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.