Mark 12:28 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ فقيهن مان هڪڙو آيو، ۽ هنن کي سوال جواب ڪندو ٻڌائين، ۽ ڄاتائين تہ هن کين چڱو جواب ڏنو آهي؛ تڏهن هن کان پڇيائين تہ سڀني حڪمن مان پهريون ڪهڙو آهي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
شريعت جو ھڪڙو عالم آيو ۽ ھنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آھي. تڏھن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ وقت نيم شاسترين مان هڪڙو اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ يسوع صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ وقت شريعت جو هڪڙو عالم اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“