Mark 12:40 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جي بيوهہ زالن جا گهر هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ لنبيون لنبيون نمازون ٿا پڙهن؛ انهن کي ٻين کان وڌيڪ سزا ملندي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھي رننزالن جا گھر ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ سزا ملندي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهي وڌوائن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ڪن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ پاپي قرار ڏنا ويندا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي رننزالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنا ويندا.“