Mark 12:44 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان هن ۾ وڌو اٿن؛ پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ جيڪي هڙ ۾ هوس، سو سڀ کڻي وڌائين، بلڪ پنهنجي سموري ڪمائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو ٻين، جيڪي پنھنجي گھرج کان وڌيڪ ھون تنھن مان پيتيءَ ۾ وڌو آھي، پر ھن رن⁠زال پنھنجي غربت مان بہ جيڪو ھڙ ۾ ھوس سو سڀ وڌائين، يعني تہ پنھنجي سموري ڪمائي ڏنائين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن رن‌زال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“