Mark 13:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هو اوهان کي وٺي وڃي حوالي ڪن، تڏهن اڳيئي اهو فڪر نہ ڪجو تہ اسين ڇا چئون؟ پر جيڪي انهيءَ گهڙيءَ اوهان کي ڏنو وڃي سو چئجو: ڇالاءِ تہ ڳالهائيندڙ اوهين نہ هوندا پر پاڪ روح.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪن تہ وقت کان اڳي ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڇا چوڻو آھي. وقت اچڻ تي اوھان کي جيڪي ڪجھہ ٻڌايو وڃي سو ئي چئجو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا اُھي اوھان جا نہ پر پاڪ روح جا ھوندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پوِتر آتما جون هونديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پاڪ روح جون هونديون.