Mark 13:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ حوالي ڪندو، ۽ پيءُ پنهنجي پٽ کي، ۽ ٻار پنهنجن مائٽن جي برخلاف ڪمر ٻڌي انهن کي قتل ڪرائيندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنھنجي ماءُپيءُ کان ڦري ويندا ۽ کين مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ ماتا پتا پنهنجي اولاد کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. اولاد پنهنجي ماتا پتا جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو ۽ کين مارائي ڇڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو ۽ کين مارائي ڇڏيندو.