Mark 13:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو جتي اُن شيءِ کي بيھڻ نہ گھرجي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ نفرت جهڙي شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.