Mark 13:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪا مصيبت انھن ڏينھن ۾ ايندي سا اھڙي تہ خراب ھوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھڙي مصيبت نہ ڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو ايشور جي سنسار پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.