Mark 13:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ نشانيون ۽ حيرت جهڙا ڪم ڏيکاريندا، انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا وري ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.