Mark 13:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي عدالتن جي حوالي ڪندا؛ ۽ عبادتگاهن ۾ اوهان کي ماريندا ڪُٽيندا؛ ۽ منهنجي خاطر اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان کڙو ڪندا، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سڀني قومن ۾ پهريائين ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ضرور ڪيو ويندو. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ راجائن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سڀني قومن ۾ پهريائين خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ضرور ڪئي ويندي. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عبادت‌خانن ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.