Mark 14:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
فصح ۽ بيخميري روٽيءَ جو تهوار ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻو هو. سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.