Mark 14:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ گمراهہ ٿيندا، ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون رُلي ڇلي وينديون.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
رستي تي يسوع پنهنجي ٻارهن سنتن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
رستي تي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘