Mark 14:40 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ وري اچي هنن کي سُتل ڏٺائين، ڇالاءِ جو هنن جون اکيون ننڊ ۾ ڀريون پيون هيون، ۽ خبر ئي نٿي پين تہ ڪهڙو جواب ڏيونس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري بہ ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن ۽ خبر نہ ٿي پين تہ کيس ڪھڙو جواب ڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ چيلا وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو سڌ ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ شاگرد وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو خبر ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون.