Mark 14:41 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو ٽيون دفعو آيو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو، ۽ آرام وٺو: بس اُها گهڙي اچي پهتي آهي؛ اِجهو ابن آدم گنهگارن جي هٿن ۾ ڏنو ٿو وڃي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جڏھن ھو ٽيون دفعو انھن وٽ موٽي آيو، تڏھن چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ بس، اِجھا، اُھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابنآدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، منشپتر پاپين جي حوالي ڪيو پيو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو پيو وڃي.