Mark 14:43 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يڪدم اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ يهوداہ، جو ٻارهن مان هڪڙو هو، سو آيو، ۽ انهي سان گڏ هڪڙي جماعت ترارن ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ۽ بزرگن موڪليو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ انھيءَ سان گڏ ھڪڙي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بزرگن موڪليو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو ماڻهن جي هڪڙي وڏي ٽولي سان گڏ آيو، جن کي هٿن ۾ تلوارون ۽ لٺيون هيون. انهن کي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن شاگردن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي شاگرد ماڻهن جي هڪڙي وڏي ٽولي سان گڏ آيو، جن کي هٿن ۾ تلوارون ۽ لٺيون هيون. انهن کي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.