Mark 14:49 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مون هر روز اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، ۽ اوهان تہ مون کي پڪڙيو ئي ڪين! پر هي انهي ڪري ٿيو آهي تہ پاڪ لکيتون پوريون ٿين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھيڪل ۾ تہ آءٌ روزانو ويھي تعليم ڏيندو ھوس پر ان وقت تہ اوھان ڪڏھن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر لکت ضرور پوري ٿيندي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پوِتر شاستر جي ڳالهہ پوري ٿئي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي ڳالهہ پوري ٿئي.“