Mark 14:54 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پطرس پري کان هن جي پٺيان پئي آيو، ۽ اصل سردار ڪاهن جي ايوان اندر گهڙي ويو، ۽ سپاهين سان گڏ باهہ تي ويٺي پاڻ سيڪيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو. اُتي ھو پھريدارن سان گڏ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پاڻ کي باھہ تي سيڪڻ لڳو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پطرس بہ يسوع جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پطرس بہ عيسيٰ جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو.