Mark 15:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سردار ڪاھن صبح جو سوير ئي بزرگن، شريعت جي عالمن ۽ سڄي ڪائونسل سان اچي مليا ۽ پنھنجا منصوبا سٽڻ لڳا. اُھي عيسيٰ کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي پلاطس جي حوالي ڪيائونس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.