Mark 15:34 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ٽئين پهر يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ الوئي، الوئي، لما سبقتني؟ جنهن جو ترجمو آهي، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون تہ ”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ” الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“