Mark 15:36 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هڪڙو ڄڻو ڊوڙيو ۽ اسفنج سرڪي سان ڀري ڪاني تي رکي هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين، ۽ چيائين تہ ڇڏي ڏيو؛ ڏسون تہ ايلياهہ هن کي هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن مان ھڪڙو ماڻھو ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏيندي چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ھن کي الياس صليب تان ھيٺ لاھڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڄي وڃي فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ايلياہ هن کي سوليءَ تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڄي وڃي فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ الياس هن کي صليب تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“