Mark 15:41 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جي جڏهن هو گليل ۾ هو، تڏهن سندس خدمت ڪنديون سندس پٺيان آيون هيون؛ ۽ ٻيون بہ گهڻيون ئي زالون هيون، جي ساڻس گڏجي يروشلم ۾ آيون هيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ گليل ۾ ھو تڏھن انھن سندس خدمت ڪئي ھئي ۽ سندس پٺيان لڳيون ھيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون ھيون جيڪي ھن سان گڏ يروشلم ۾ آيون ھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع گليل علائقي ۾ هو تڏهن اهي سندس پٺيان لڳي هن جي سيوا ڪنديون ٿي رهيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي ناريون هيون جيڪي هن سان گڏ يروشلم ۾ آيون هيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ گليل علائقي ۾ هو تڏهن اهي سندس پٺيان لڳي هن جي خدمت ڪنديون ٿي رهيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون هيون جيڪي هن سان گڏ يروشلم ۾ آيون هيون.