Mark 15:43 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن ارمتيہ وارو يوسف آيو، جو هڪڙو معزز مشير هو، ۽ پاڻ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛ اُهو همت ڪري اندر گهڙي پلاطس وٽ ويو، ۽ يسوع جو لاش گهُريائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن ارمٿيا جو ھڪ شخص يوسف آيو جو ڪائونسل جو ھڪ معزز ميمبر ھو ۽ پاڻ خدا جي بادشاھت جو ڳولائو ھو. اھو ھمت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي پئنچائت جو هڪ مانوارو ڪارڪن هو ۽ پاڻ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.