Mark 15:46 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن هڪڙي سنهي سڻيءَ جي چادر خريد ڪئي، ۽ هن کي لاهي انهيءَ سڻيءَ جي چادر ۾ ويڙهيائين، ۽ هڪڙيءَ قبر ۾ رکيائينس، جا هڪڙي ٽڪر ۾ کوٽيل هئي؛ ۽ هن هڪڙو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو، لاش کي لھرائي اُن ۾ ويڙھيائين ۽ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر تي کوٽيل ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ يسوع جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ عيسيٰ جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين.