Mark 16:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بي⁠اعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.