Mark 16:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هنن وڃي هنڌ هنڌ منادي ڪئي، ۽ خداوند انهي ڪم ۾ ساڻن شامل رهيو، ۽ نشانيون جي پئي ٿيون، تن سان ڪلام کي ثابت ڪندو رهيو. آمين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِجو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ شاگردن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي. انهن جي ڪم ۾ خداوند عيسيٰ ساڻن گڏ هو ۽ قدرت جي نشانين سان سندن تبليغ کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.