Mark 2:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو اُٿيو ۽ هڪدم پنهنجو کٽولو کڻي انهن سڀني جي اڳيان هليو ويو؛ ۽ انهي تي سڀيئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ههڙو عجب رنگ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“