Mark 2:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو جو يسوع هن جي گهر ماني ويٺي کاڌي، ۽ ڪيترائي محصولي ٺيڪيدار، ۽ گنهگار اچي ساڻس ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا: ڇالاءِ جو هو گهڻيئي هئا، ۽ سندس پٺيان هليا آيا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن کان پوءِ عيسيٰ لاويءَ جي گھر پنھنجن شاگردن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو تہ ساڻس ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار بہ گڏ ويٺا ھئا، ڇالاءِجو اھڙا گھڻا ئي ھئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪڙي دفعي جڏهن يسوع لاويءَ جي گھر رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن سندس چيلن کان علاوہ ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي يسوع جي پٺيان ايندا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ لاويءَ جي گھر ماني ويٺي کاڌي، تڏهن سندس شاگردن کان علاوہ ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا هئا.