Mark 2:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪن فريسي نيم شاسترين جڏهن ڏٺو تہ يسوع اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“