Mark 2:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي يوحنا جا شاگرد ۽ فريسي روزائتا هئا: تن اچي چيس تہ ڪهڙو سبب آهي جو يوحنا جا شاگرد ۽ فريسين جا شاگرد روزا ٿا رکن، پر تنهنجا شاگرد روزو ڪو نہ ٿا رکن؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪڙي دفعي جڏھن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان ھئا تہ ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي پڇيائونس تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوھان جا شاگرد ڇو نہ ٿا روزا رکن؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪڙي دفعي جڏهن يوحنا جا چيلا ۽ فريسي وِرت سان هئا تہ ڪي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يوحنا جا چيلا ۽ فريسي تہ وِرت رکن ٿا پر اوهان جا چيلا ڇو نہ ٿا رکن؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪڙي دفعي جڏهن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان هئا تہ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ” يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوهان جا شاگرد ڇو نہ ٿا رکن؟“