Mark 2:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن تي يسوع چين، تہ جڏهن گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تڏهن هو ڪو روزو رکي سگهن ٿا ڇا؟ جيسين گهوٽ ساڻن هوندو، تيسين هو روزو ڪين رکندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جا ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا جڏھن تہ گھوٽ بہ انھن سان ھجي؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي وِرت رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين وِرت رکڻ جي ضرورت ناهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين روزا رکڻ جي ضرورت ناهي.