Mark 3:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن ٻارهن ڄڻا مقرر ڪيا، انهي لاءِ تہ هو ساڻس گڏ گذارين، ۽ هو کين منادي ڪرڻ لاءِ موڪلي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين. انھن کي چيائين تہ ”مون اوھان کي انھيءَ ڪري چونڊيو آھي تہ اوھين مون سان گڏ رھو. آءٌ اوھان کي ٻاھر بہ تبليغ ڪرڻ لاءِ موڪليندس،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي پرچار ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي تبليغ ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس