Mark 3:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.