Mark 3:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏجي سمنڊ جي پاسي نڪري ويو، ۽ گليل مان ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو: ۽ يهوديہ،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. گليل، يھوديہ،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آسپاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ يسوع عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آسپاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.