Mark 4:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي سکيا ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.