Mark 6:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻتہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ يسوع جي مان ۽ مرتبي جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي راجا هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. يسوع بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو وري جيوت ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا چمتڪار ڪري رهيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي بادشاهہ هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. عيسيٰ بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ” يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا معجزا ڪري رهيو آهي.“