Mark 6:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ هيروديس پاڻ ماڻهو موڪلي يوحنا کي جهلايو هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر قيدخاني ۾ وڌو هئائينس، جو هن سان پرڻجي ويٺو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. ھن اھو ڪم ھيرودياس جي چوڻ تي ڪيو ھو، جنھن سان ھن شادي ڪئي ھئي، جيتوڻيڪ اھا سندس ڀاءُ فلپس جي زال ھئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هيروديس پاڻ ئي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي پتني هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيوت ئي شادي ڪئي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي زال هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيئري ئي شادي ڪئي هئي.