Mark 6:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن خود هيرودياس جي ڌيءَ اندر آئي، ۽ ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيائين؛ ۽ بادشاهہ اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو، تہ گهُر جيڪي گهُرڻو هجيئي تہ ڏيانءِ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري ھيروديس ۽ سندس مھمانن کي خوش ڪيو. بادشاھہ انھيءَ نينگريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ دعوت ۾ هيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيو. هيروديس انهيءَ ڪنيا کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ دعوت ۾ هيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيو. هيروديس انهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“