Mark 6:25 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو يڪدم هوءَ تڪڙي تڪڙي اندر بادشاهہ وٽ آئي، ۽ عرض ڪري چيائينس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي هڪڙيءَ ٿالهيءَ ۾ وجهي هينئر جو هينئر مون کي ڏين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي نينگري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي بادشاھہ کي چيائين تہ ”مون کي ھاڻي جو ھاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ آڻي ڏيو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي ڪنيا جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي هيروديس کي چيائين تہ ”مون کي هاڻي جو هاڻي يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ گھرائي ڏيو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي ڇوڪري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي هيروديس کي چيائين تہ ”مون کي هاڻي جو هاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ گھرائي ڏيو.“