Mark 6:49 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر هنن کيس سمنڊ تي پنڌ ڪندو ڏسي ڀانئيو تہ ڪو شر آهي؛ سو رڙيون ڪرڻ لڳا:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر شاگردن جڏھن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏھن سمجھيائون تہ ڪو جن آھي، سو ھو دھلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. ھُن ھڪدم ساڻن ڳالھايو تہ ”دلجاءِ ڪريو، آءٌ آھيان. ڊڄو نہ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
چيلن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ڪو جن آهي، سو هو دهلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. هُن هڪدم ساڻن ڳالهايو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شاگردن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ڪو جن آهي، سو هو دهلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. هُن هڪدم ساڻن ڳالهايو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“