Mark 6:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع اتان جي ماڻهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چمتڪار ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ تي يسوع کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ اتان جي ماڻهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.